ٽيڪچند مست

ٽيڪچند مست

ٽيڪچند مست

ٽيڪچند مست: سنڌي ٻوليءَ جي مشھور شاعر ۽ ليکڪ ٽيڪچند مست جو اصل نالو ٽيڪچند ريواڻي آھي. سندس جنم 15 مارچ 1938ع تي چوهڙ جمالي، ضلعي سُجاول ۾ ٿيو. ورھاڱي کان پوءِ ھو اُلھاس نگر (ڀارت) ۾ وڃي آباد ٿيو. ليکڪ، شاعر ۽ اداڪار جي حيثيت ۾، آل انڊيا ريڊيي ۽ دور درشن تان سندس ڪيترائي پروگرام نشر ٿيا. سنڌي فلم ’سنڌوءَ جي ڪناري‘ ۾ اداڪار طور ڪم ڪيو. مختلف وقتن تي سندس لکڻيون ’نرگس‘، ’نئين دنيا‘ ۽ ’هند واسيءَ‘ رسالن ۾ شايع ٿيون. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’ڪنھن سان اوريان حال‘ (شاعري: 1972ع، ’اچ تھ پيار ڪريون‘ (شاعري: 1974ع)، ’ڄڻي ڦاٿاسين ٻار‘ (ڪھاڻيون: 1980ع)، ’شاديءَ جا لڏون‘ (ناول: 1982ع)، ’حسين پڙاڏا‘ (ڪھاڻيون: 1988ع)، ’رنگين پڙاڏا‘ (ڪھاڻيون: 1990ع)، ’ھي بمبئي آ پيارا‘ (ڪھاڻيون: 1993ع)، ’نگاهون‘ (شاعري: 1995ع)، ’مسڪراءِ‘ (شاعري: 2001ع) ۽ ’سنڌيت جي صدقي‘ (ڪھاڻيون: 2011ع) شامل آھن. 12 اپريل 2023ع تي الھاس نگر ۾ وفات ڪئي.


لفظ ٽيڪچند مستھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.03.15  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جي مشھور شاعر ٽيڪچند مست جو اصل نالو ٽيڪچند ريواڻي آھي. سندس جنم 15 مارچ 1938ع تي چوهڙ جمالي، ضلعي سُجاول ۾ ٿيو.


2023.04.12  عيسوي

ٽيڪچند مست 12 اپريل 2023ع تي الھاس نگر ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابراهيم خليل
جويو خاڪي
ڦتن پُرسواڻي
ٽيڪچند بهار
راز بلڙائي
امر کهاوڙ
غلام رسول برهماڻي
امام علي فقير
ڀڳت ڪبير
سرلا ديوي ڊاڪٽر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون